شوڪت سنڌي

شوڪت سنڌي

شوڪت سنڌي

شوڪت سنڌي: شوڪت سنڌيءَ جو اصل نالو شوڪت علي ولد محب علي قريشي هو، سندس جنم 3 جنوري 1939ع تي دادوءَ ۾ ٿيو. سندس والدين اصل ڳوٺ اميناڻي ضلعي دادوءَ جا رهواسي هئا، شوڪت سنڌيءَ پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول دادو مان، مئٽرڪ ۽ انٽر داود مان بي. اي ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪئي ۽ ايل. ايل. بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين. هن 1963ع ۾ سنڌي ادبي سنگت دادو شاخ قائم ڪئي ۽ ان جو سيڪريٽري ٿيو، ان دوران هن دادوءَ شاخ جي پليٽ فارم تان ’سنڌي ٻوليءَ جو ڏينهن‘ ڀرپور نموني سان ملهايو. هن دادو ميونسپل پارڪ ۾ هڪ مشاعرو به ڪرايو، جنهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، فتاح ملڪ، شمشيرالحيدري، تاج بلوچ، نياز همايوني، محمد جمن هالو، علي محمد مجروح ۽ ٻيا ڪيترا اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا.
شوڪت سنڌي ادبي ۽ سماجي سرگرمين کانسواءِ سياسي سرگرمين ۾ به ڀرپور حصو ورتو. 1960ع ۾ سنڌ عوامي محاذ جو ڪنوينر رهيو، ان بعد سنڌ متحده محاذ دادوءَ جو ڪنوينر ۽ سينٽرل ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) ضلعي دادوءَ جو جنرل سيڪريٽري رهيو ۽ جيئي سنڌ محاذ جو ضلعي ڪنوينر به رهيو. پاڻ 1960ع جي قومپرست تحريڪن جو روح روان رهيو، سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون شايع ڪرائڻ، ون يونٽ خلاف جلسا جلوس ڪڍرائڻ، سنڌ جي ريلوي اسٽيشنين تي سنڌيءَ ۾ نالا لکرائڻ، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ سميت هر جدوجهد ۾ اڳ کان اڳڀرو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ويو.
شوڪت سنڌي 30 جون 2002ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ شوڪت سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.01.03  عيسوي

شوڪت علي ولد محب علي قريشي هو، سندس جنم 3 جنوري 1939ع تي دادوءَ ۾ ٿيو.


2002.06.30  عيسوي

شوڪت سنڌي 30 جون 2002ع تي وفات ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امير حسن
بلبن
پلي وڏيرو عبدالحليم
سوڀو گيانچنداڻي
سعيد سميجو
شـمس جـعـفـراڻي
ڀرڪيو شيخ ڪاتيار
ڄام ڪانڀو خان
قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم
رحمت الله سيد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون